لاهور هاءِ ڪورٽ نوازشريف : اسحاق ڊار ۽ ٻين جون تقريرون نشر ڪرڻ تي ڊي جي آپريشنز پيمرا کي طلب ڪري ورتو آهي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نوازشريف اسحاق ڊار سميت ٻين اشتهاري جوابدارن جون تقريرون ٽي وي تي نشر ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي عدالت پيمرا کي ڊي جي آپريشنز کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڌريون عدالت ۾ پنهنجو تفصيلي جواب جمع ڪرائين پيمرا پنهنجي ئي ٺاهيل قانون تي عمل ڇو نه پيو ڪري درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته پيمرا 2019 ۾ اشتهاري ۽ سزا يافته جوابدارن جي ٽي وي تي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي پر نوازشريف ۽ اسحاق ڊار جي تقرير ۽ پريس ڪانفرنس ٽي وي تي ڏيکاري پئي وڃي پيمرا پنهنجي ئي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي عدالت پيمرا کي اشتهاري جوابدارن جون تقريرون ٽي وي تي نشر ڪرڻ تي پابندي جو حڪم ڏئي
