78

نواز شريف جي وطن واپسي جون تياريون، استقبال لاءِ هدايتون جاري

لاهور اسحاق ڊار جي وطن واپسي ۽ مريم نواز جي ڪيس مان بري ٿيڻ کانپوءِ نواز شريف جي وطن واپسي جا امڪان وڌي ويا نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ پٽيشن تيار ڪئي وئي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز جي بري ٿيڻ ۽ اسحاق ڊار جي وطن واپسي کانپوءِ ن ليگ سربراهه نواز شريف جي وطن واپس ورڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ پارٽي قيادت پٽيشن پڻ جاري ڪري ورتي آهي ذريعن موجب نواز شريف لنڊن ۾ پنهنجي وڪيلن ۽ پاڪستان ۾ موجود قانوني ٽيم سان مشورا تيز ڪري ڇڏيا آهن جنهن کانپوءِ وڪيل اسحاق ڊار جي طرز تي نواز شريف جو ڪيس به تيار ڪري رهيا آهنا ن ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته وڪيل نواز شريف جي تقرير تي لڳل پابندي کي هٽرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪندا، جنهن بعد عدالتي فيصلي کي نظر ۾ رکندي نواز شريف وطن واپسي جو فيصلو ڪندو ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته نواز شريف جي وطن واپس پهچڻ لاءِ ن ليگ نواز شريف جو ڀرپور استقبال ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ پارٽي قيادت ذيلي تنظمين کي نواز شريف جي شاندار استقبال لاءِ هدايت پڻ جاري ڪري ڇڏي آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو