71

پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو ضلع سکر

سنڌ پيپلز يوٿ سپاف شھيد ڀٽو ضلع سکر پاران مرڪزي اڳواڻ عنايت علي خان عمراڻي جي ڀائٽي نياڻي پريسه جي قتل ۾ انصاف ۽ پارٽي اڳواڻ عنايت علي خان عمراڻي ۽ ٻين اڳواڻن ۽ وارثن تي انصاف لاء ڪيل احتجاج جي بدلي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پريس ڪلب سکر اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ايم ايس گلزار تنيو ۽ لاڙڪانه پوليس سخت ناري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن ياسين احمد جتوئي فھد ڀٽو حمادالله جتوئي ڪفايت علي ڪلھوڙو امجد علي انڊھڙ ماجد جتوئي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته چيو ته ڪجه ڏينھن پھريان پارٽي مرڪزي اڳواڻ عنايت علي خان عمراڻي جي ڀائٽي محمدي علي خان عمراڻي جي نياڻي کي گھر ۾ نانگ ڪکي ويو جنھن کي وارث ايمرجنسي ۾ ڪيولٽي لاڙڪانه اسپتال ۾ ايڊمٽ ڪيو اتي ڊيوٽي تي موجود ايم ايس گلزار تنيو جي راشي ڪرپٽ ڊاڪٽرن اھو چئي نانگ جي ويڪسين نه ڪئي ته نانگ زھريلو ناھي خير آ تبيعت خراب ٿيڻ ڪري وارث ڊاڪٽر کي چوندا رھيا ته علاج ڪيو نياڻي جي تيبعت خراب ٿئي پئي الٽيون اچي رھيو آھن نياڻي تي ڊاڪٽرن کي رحم نه آيو علاج ڪرڻ بجاء نياڻي پريسه جي ڀاءُ ۽ چاچي کي ايم ايس جا پرائيويٽ گنڊه کڻي وڃي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪرائي آيا ڊاڪٽر غفلت بروقت علاج نه ٿيڻ نياڻي وفات ڪري وئي وارثن پاران ايم ايس گلزار تنيو ۽ ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن تي نياڻي جي علاج ۾ غفلت ۽ فوت ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ لاء لاش رکي ڏھ ڪلاڪ پرامن احتجاج ڪيو ويو لاڙڪانه ايس ايس پي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي ڪيس داخل ڪرڻ جو واعدو ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ڊاڪٽرن به ڏوھ جو ايتراف ڪندي وارثن ڏي مير منٿ موڪلي ٺاھ لاء چيو پنج ڏينھن بعد وارثن کي انصاف ڏيڻ بجاء وارثن تي ڊيوٽي اٽڪاء جي واقعن جا ٻھ ڌا ڌار ڪيس داخل ڪري نا انصافي ڪئي اسين لاڙڪانه پوليس ۽ ڪرپٽ ايم ايس کي ٻڌائڻ چاھيو ٿا ته ھي ڪيس اسان کي پنھنجي مقصد تا ھٽائي نٿا سگھن اڳ به اھڙن ڪوڙن ڪيس کي منھن ڏنو آھي ھاڻي به ڏينداسي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته مرڪزي اڳواڻ عنايت علي خان عمراڻي سندس ڀاءُ محمد علي عمراڻي رئيس دامن علي عمراڻي جاويد لاھوري ولي محمد لاھوري, رئيس علي گل عمراڻي ۽ ٻين تان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري نياڻي پريسه جو قتل ۽ ڊيوٽي ۾ غفلت جو ڪيس ڪرپٽ ايم ايس گلزار تنيو ۽ ان جي ڪرپٽ ڊاڪٽر جاويد سانڊاڻو ڊيوٽي تي مودجوده ٻئي عملي مٿان داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو