اسلام آباد : آڊيو ليڪس معاملي تي تحريڪ انصاف جاچ ڪميشن ٺاهڻ جي لاءِ درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي آڊيو ليڪس معاملي تي جاچ ڪميشن ٺاهڻ جي لاءِ درخواست تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر داخل ڪئي ڪميشن کان وزيراعظم شهباز شريف راڻا ثناءُالله اعظم نذير خواجه آصف احسن اقبال اياز صادق ۽ راجه پرويز اشرف کان جاچ جي استدعا ڪئي وئي آهي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف راڻا ثناءُالله اعظم نذير سميت نامزد شخصيتن خلاف ڪرمنل پروسيڊنگز جي هدايت ڪئي وڃي تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته تازو ئي وزيراعظم ۽ ڪجهه وفاقي وزيرن جي آڊيو ليڪس سوشل ميڊيا تي جاري ٿي آڊيو ليڪس ۾ درخواست ڏيندڙ کي سياست کان پري رکڻ جي لاءِ سازش ڪئي وئي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آڊيو ليڪس ۾ هڪ ڏوهاري سازش تحت درخواست ڏيندڙ کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي درخواست ۾ آڊيو ليڪس جو ٽرانسڪرپٽ شامل ڪيو ويو نئين صورتحال پيدا ٿيڻ تي عدالت کان استدعا آهي ته نوٽيس وٺي
