اسلام آباد: مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف تي 10 ارب روپيه هرجاڻي جي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي التوا گهرڻ تي ٻيون ڀيرو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو
خواجه آصف خلاف 10 ارب روپيه هرجاڻي جي ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج اسلام آباد عدنان خان جي عدالت ۾ ٿي عمران خان جي وڪيل طرفان التوا جي درخواست ڪندي چيو ويو ته مرڪزي وڪيل پرڏيهه ۾ آهي جنهن سبب عمران خان اجلاس ۾ شرڪت سبب پيش نٿو ٿي سگهي عمران خان جي وڪيل طرفان ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪندي 5 هزار روپيه ڏنڊ سان گڏ منظوري ورتي وئي ياد رهي ته 10 سيپٽمبر تي به عمران خان جي التوا واري درخواست تي 5 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو هو عمران خان ۽ خواجه آصف جي وڪيلن جي صلاح مشوري سان ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ 22 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي
