قوام متحدہ جي اجلاس دوران سنڌ ۽ سنڌو واس جي درد ڪٿا جي اھڙي تہ دل ڏاريندڙ تصوير ڪشي ڪئي وئي جو سنڌ ٻوڙيندڙ ڪردار سڀني جي نگاهن جا مرڪز بڻجي ويا بلاشڪ ھو ڪمال فنڪاريء جو ايوارڊ ماڻڻ جا حقدار آهن! سنڌ ٻوڙڻ وارا ڪردار منافقانہ انسان دشمن سياست جا شاھڪار آھن جيڪي در در تي اسان جا درد وڪڻن ٿا ۽ پنهنجا گودام ڀرن ٿا اھو سڀ کيل تماشو اسان پنهنجي اکئين انهي ڌرتيءَ جي ٽڪري تي ڏسي آيا آهيون جنهن لاء اسان جو سپهه سالار چوي ٿو تہ سنڌ جو ھي علائقو ٻوڏ ۽ برسات ۽ ھنن جي تباھڪاري پاليسين) سبب سڀ کان وڏيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ جتي دنيا چوي ٿي تہ ۱۰۰ ڪلوميٽرن ۾ ڍنڍ ٺھي ويئي آھي، جتي سنڌ جا ھزارين ڳوٺ ۽ لکين گھر پاڻيءَ ھيٺ اچي ويا آهن، جتي ڪروڙين انسانن جون آسون اميدون ٻڏي ويون آهن ۽ جن جي دردن جون دانهون سڄي دنيا ۾ تين وال ٿي رهيون آهن. اتي اسان سڀڪجهه ڏٺو سواءِ انساني ھمدردي جي نالي ۾ مليل عالمي امداد جي چون ٿا تہ مصيبت ماريل سنڌ جي سھائتا لاءِ ملندڙ سموري عالمي امداد وفاقي اداري نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي اين ڊي ايم اي کي ملي ٿي جيڪا ھتي سنڌ سرڪار، پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) ۽ سلامتي جي ادارن ۾ ان جي ‘منصفانہ’ ورڇ ڪرڻ جي ذميوار آهي. بلاشڪ اسان پي ڊي ايم اي جون لانچون جوھي بند جي لڳ پاڻيءَ ۾ بيٺل ڏٺيون پر انھن کي ڪو ڪم ڪرڻ بدران بس اتي بيٺل ئي ڏٺو! ۽ ماڻهن جي مدد ڪرڻ بدران ماڻھن جو اندر ساڙيندي ڏٺو جو ھنن اسان جي پڇڻ تي دانھون ڪندي چيو تہ، ‘خبر ناھي ته ھو ھتي لانچن سميت ڇو بيٺا آهن. ماڻھن جي سھائتا تہ ڪابہ نٿا ڪن الٽو خالي چڪر ھڻي پئٽرول پيا ساڙين!’
خيرپور ناٿن شاه ۽ سندس پسگردائيءَ جا سڀ ڳوٺ ٻڏي ويا آهن ۽ انھن تائين پهچڻ جو بس ھڪ ئي وسيلو ھيو ٻيڙيون جن جي وٽن کوٽ نہ ھئي جيئن دنيا کي ٻڌائن پيا تہ، ‘اسان وٽ وسيلن جي کوٽ آهي.’ ھتي وسيلن جي زيان جو منظر ھيو، وسيلن جي کوٽ کان وڏيڪ نيتن جي کوٽ جو معاملو ھيو، دکي انسانيت ڏانهن بي حسي ۽ نمائشي ھمدرديء جو عالم ھيو، قومي غلاميءَ جا اولڙا ھئا ۽ طبقاتي اونچ نيچ جو ننگو ناچ ھيو! ڏيندڙ ھٿ ٿورا ۽ گھرندڙ ھٿ گھڻا ۽ بيشمار ھئا برسات، ٻوڏ ۽ بي حس حڪمرانن جي ڪارستانين سبب سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقي جي دوري دوران اسان کي پاڻيءَ سان گھيريل ڳوٺ ڀلائيءَ جي ھڪ ڀلمانس ٻڌايو تہ ھتي اسان کي وڏي سرڪار جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ جا وڏا دٻا پھچائي ويا آهن جنھن مان اسان بہ فيضياب ٿياسين. روشن ٻرڙي جي رھنمائي ۾ اسان ٻيڙيءَ ۾ ڀان سعيدآباد کان سيوهڻ، منڇر بند ۽ بوبڪ ڏانهن سفر ڪيو تہ سج اھڙو تہ ساڙيو جو واٽ تي ڀلائيءَ ۾ روشن جي دوست پاڻ چيلھ جيڏي پاڻيءَ ۾ بيٺي ۽ اسان کي ھڪ وڻ ھيٺان ٻيڙيءَ ۾ ويٺي ٿڌي ڇانوَ ۾ ٿڌو شربت پياريو تہ روح کي راحت اچي وئي. دوزخ ۾ جنت جو اھو منظر بہ دلڪش ھيو جو ڳوٺ جا ٻار ھر دک درد کان بي پرواهه ان ئي پاڻيءَ ۾ رانديون رونديون ڪري رهيا هئا جيڪو پاڻي کين ٻوڙڻ آيو هو. ھي زندگيءَ سان ڀرپور معصوم ٻار ڄڻڪ اسان جي حاڪمن تي بہ چٿرون ڪري رھيا ھئا تہ، ‘ڏسو, اسان زنده آهيون, اسان زنده رهڻ جو ڏانءُ ڄاڻون ٿا، اوھان اسان کي نٿا ماري سگھو، اسين ٻڏي بہ تري ڄاڻون.
اسان ساھي پٽي، پاڻيءَ ۾ تڙڳندڙ ٻارن سان ملي اڳيان منڇر بند تي پھتاسين تہ سڀ کان وڌيڪ بي پھچ مخلوق سان مکاميلو ٿيو. جنھن ٻڌايو ته منڇر کان حمل تائين ڍنڍن جي بندن تي لکين ماڻهو بي گھر لڳا ويٺا آهن ۽ سرڪار نامدار جي نڪ تي مک بہ نٿي ويھي جڏھن تہ ھي لکين انسان مڇرن جي ور چڙهيل آھن. بي انتھا تڪليفن ۽ دربدري جي عالم ۾ جتي ھڪ طرف رياست جو عوام دشمن چھرو نمايان نظر اچي رهيو هيو اتي سنڌ جو، سنڌ جي عاشقن جي سدا حيات روشن روح جو جلوو ھر ھنڌ پسڻ ۾ آيو. قومي ورڪرن جي جانفشاني ۽ سرنديءَ وارن جي ساٿ سان ٻڏل سنڌ ٻڏل انسانيت کي تاري پار پوڻ جون ڪاوشون بہ ھر ھنڌ نظر آيون. سيد زين شاهه ۽ روشن ٻرڙي جي اڳواڻيءَ ۾ اسان جو سفر به ڀلا قومي ڪارڪنن جي محنت، اورچائي، عشق ۽ انساني خدمت جي جذبي بنا ڪيئن ممڪن ٿي سگهيو پئي؟ سلام آھي سنڌ جي سڀني سچن عاشقن، عوام جي ھڏ ڏوکي قومي ورڪرن کي ۽ عوام جي انھن سمورن ھيرن کي جيڪي پنهنجي پنهنجي وت وس آھر سنڌ جا، غريب ماڻھن جا ڀرجهلا ٿيا آھن ۽ انسانيت جي عظيم جوت جلائي ويٺا آهن. ھي سنڌ جا نيڪ روح خود غرضي ۽ غلاميءَ جي غلاظت ۾ ڦاٿل سماج جا اھي بي نام ھيرا آھن جيڪي اونداھيءَ ۾ جوت جلايون ويٺا آهن، جن کي پنهنجي نالي ۽ شھرت جي بہ ڪا پرواهه ناهي، ھو ته بنا ڪنھن غرض جي ماڻھن جي ان ازلي نيڪ روح سان مدد ڪري رهيا آهن جيڪو صدين جي لوڪ ڏاهپ ۾ کين ورثي ۾ مليو آهي تہ، ‘نيڪي ڪر، دريا ۾ وجھ
