80

پنوعاقل قومي شاهراهه تي روڊ حادثي ۾ نوجوان فوت

پنوعاقل قومي شاهراهه تي روڊ حادثي ۾ نوجوان فوت، هڪ عورت زخمي ، وي آئي پي گيٽ وٽ پيش آيل حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو، هڪ عورت زخمي ٿي پئي،فوتي نوجوان جي سڃاڻپ عبدالواحد گوپانگ طور ٿي،فوتي نوجوان ۽ زخمي عورت کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، خبر موجب پنوعاقل قومي شاهراهه تي روڊ حادثي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو،جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي، وي آئي پي گيٽ وٽ پيش آيل حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان عبدالواحد ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن هڪ عورت نالي مسمات عزيزان زخمي ٿي پئي،فوتي نوجوان ۽ زخمي عورت کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو،جتي عورت کي طبي امداد ڏيڻ بعد روانو ڪري فوتي نوجوان جي مڙهه کي وارثن حوالي ڪيو ويو، موٽرسائيڪل سوار سکر کان واپس پنهنجي ڳوٺ آدم گوپانگ اچي رھيا ھئا، ۽ گوپانگ قبيلي سان شناخت ٿي آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو