78

مخالفن کي نظر اچي رهيو آهي ته هو عمران خان جو مقابلو نٿا ڪري سگهن: اسد عمر

ڪراچي : پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته مخالفن کي نظر اچي رهيو آهي ته هو عمران خان جو مقابلو نٿا ڪري سگهن تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عام ماڻهو کي ان آڌار تي زندگي گذارڻي پوندي آهي ته قانون ڇا ٿو چئي پنهنجي زندگي ڪيئن گذارڻي آهي ۽ اهي قانون تبديل ٿيندا رهندا آهن پر اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته ٿي ڇا رهيو آهي هن چيو ته جيڪو به ڪجهه ٿي رهيو آهي ڇا اهو صحيح ٿي رهيو آهي اسلامي معاشري ۾ انصاف ائين ٿيندو آهي پئسا وڃن ڪيڏانهن ٿيا ويل پئسا سرائي پيلس ايون فيلڊ جي شڪل ۾ نظر اچي رهيا آهن هنن اربين روپين جي ڪرپشن جا ڪيس معاف ڪرايا اسد عمر چيو ته عمران خان ڊائري ۽ پين کڻي بني گالا ويو پر دنيا جو دل کڻي ويو جتي به ڏسو قوم عمران خان سان گڏ آهي مخالفن کي نظر اچي رهيو آهي ته هو عمران خان جو مقابلو نٿا ڪري سگهن اسد عمر چيو ته اسلام آباد پوليس جي ڦڙتي ايتري آهي جو 30-40 منٽن ۾ گرفتاري جو چيو ويو خط تي 2 الزام لڳايا ويا هڪ اهو ته الزام وارو خط وزيراعظم هائوس مان غائب ٿي ويو اوهان قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو هو جتي خط جو ئي ذڪر بحث هيٺ هو تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته اوهان خط ڏسڻ کان سواءِ اجلاس گهرائي ورتو اهو خط صدر کي اماڻيو ويو ۽ اهو خط پرڏيهي آفيس ۾ به هو سموريون آفيسون اوهان وٽ آهن اتان گهرائي وٺو عمران خان جي ٻنهي آڊيو ليڪس ۾ 2 شيون ثابت ٿيون آهن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو