ٺڪراٺو : آقاء دوجهان محبوب خدا آخر الزمان نبيء دوجهان جي ولادت جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي مهيني ربيع الاول جو چنڊ ڏسندي ئي هر طرف ساون جهنڊن جي ساواڻ ۽ فضا ۾ مرحبا يا مصطفي مرحبا يا رسول الله سرڪار جي آمد مرحبا جا نعرن جي گونج ٻڌڻ ۾ ايندي آهي جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ حر جماعت ۽ جميعت العلماء سڪندريه پاران شاندار ريلي ڪڍي ويئي ريلي ۾ سوين عوشاقان رسول جي شرڪت ، محبوب خدا جي پروانن پاران عقيدت جا گل نڇاورڪيا ويا ۽ ريلي جي مختلف ڳوٺن ۾ پهچڻ تي پروقار استقبال ڪيا ويا ۽ ريلي ۾ شريڪ عاشقان رسول جي لاء ننگر جو پڻ بندبست ڪيو ويو
ٺڪراٺو رپورٽ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ حر جماعت ۽ جميعت العلماء سڪندريه ٺڪراٺو پاران حضور جن جي آمد جي خوشي ۾ هڪ پروقار ۽ شاندار ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي حافظ اشفاق احمد سڪندري، حافظ خاوند بخش سڪندري ، مولوي نياز احمد سڪندري ، حافظ شاهد حسين قادري ، حافظ محمد اسماعيل سڪندري ۽ ٻين ڪئي ، ريلي حرمجاهد ڳوٺ فقير واحد بخش راڄڙ کان ڳاڙهو دڙو ڳوٺ حرمجاهد ڀائي خان مهر ، آچر مهر ، فقير شاهنواز راڄڙ ، فقير صابر راڄڙ ، دعوت نئون آباد ۽ مختلف ڳوٺن کان مبارڪپور شهر کان ٿيندي شام جو اعلي حضرت پير سائين پاڳارا جن جي دعوت احمدو فقير راڄڙ بنگلي شريف تي اختتام پذير ٿي ، ريلي مختلف ڳوٺن ۾ پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ مقررن
مفتي سيف الله سڪندري ، مولوي عبدالستار حسيني ، مولوي نياز حسين سڪندري ، مولوي نذير احمد سڪندري ۽ ٻين خطاب ڪندي فرمايو ته هن ڪل ڪائنات جي بڻجڻ ۽ان ۾ الله پاڪ جي پوري تخليق جو ڪارڻ ئي محبوب خدا آخر النبي حضور پاڪ ﷺ جن جي وسيلي ٿيو جيڪڏهن محبوب خدا جو نزول نه ٿئي ها ته هي دنيا ئي نه جڙي ها ۽ حبيب ڪريم جي زندگي مبارڪه ۽ سيرت مبارڪه مان اسان مسلمانن کي سبق سکڻ گهرجي ته جيئن محبوب خدا انسانيت سان پيار ۽ محبت جو لازوال مثال آهي اهڙي طرح ۽ انجي ڏسيل راھ شريعت مبارڪه تي هلڻ ۽ ان جي ڏنل درس مطابق زندگي گذارڻ ۽ انسانيت جي خدمت ئي اصل مسلمانيت ۽ انسانيت آهي پاڻ ڪريمن پنهنجي دشمنن سان ئي محبت ۽ سٺي سلوڪ سان پيش اچي انهن کي دين اسلام تي اچڻ تي مجبور ڪيو پاڻ ڪريمن ڪڏهن به ڪنهنکي زور زبردستي ڪري دين ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ نه پاڻ اهو مسلمانن کي درس ڏنو پاڻ ڪريمن جو نزول ئي هن دنيا جي تخليق جو باعث بڻيو ۽ قيامت جو ڏينهن به ان پنهنجي محبوب مدني سرڪار يتيمن جي يار امان آمنه جي لال محبو ڪري حضرت محمد پاڪ ﷺ جو شان بيان ڪرڻ لاء مقرر ڪيو آ ڇو ته جڏهن واحدالقهار رب جي ڪاوڙ آڏو هر نبي ۽ امتي نفسي نفسي بيان ڪرڻ ۾ مشغول هوندو ته ڪير رب کي ريجهائي ان مهل محبوب خدا پنهنجي ڪريم رب جي آڏو سجدو ۾ سر رکي پنهنجي امت لاء معافي جي درخواست پيش ڪرڻ کان اڳ ئي ڪريم رب پنهنجي محبوب ڪريم کي سجدي مان سر کڻڻ جو حڪم فرمائيندو ۽ گنهگارن ۽ بدڪارن جي بخشش فرمائيندو اهو ئي اسان جي آقا محبوب خدا جو شان بيان ڪرڻ هوندو ، ريلي ۾ سوين عاشقان رسول پنهجين موٽرسائيڪلن ڪارن ۽ ٽريڪٽرن تي سوار هٿن ۾ ساوا جهنڊا کڻي محبوب خدا جي عشق ۽ عقيدت ۾ مرحبا يا مصطفي ﷺ مرحبا يا رسول الله ﷺ جا ۽ ڀيڄ پاڳارا جا نعرا هڻندا جهومندا رهيا مختلف ڳوٺن ۾ ريلي جي پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ ننگر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو
