98

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو فائنل ميچ اڄ کيڏيو ويندو

لاهور : پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ست ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جو آخري ۽ فائنل ميچ اڄ کيڏيو ويندو پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 6 ميچن جي سيريز جو اڄ آخري ميچ قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڇهه ميچ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن 3-3 ميچ کٽي اڄوڪي ميچ کي وڌيڪ دلچسپ بنائي ڇڏيو آهي ڪرڪيٽ جي شوقينن کي هاءِ وولٽيج مقابلي جو بيچيني سان انتظار آهي جڏهن ته ٻئي ٽيمون ٽرافي کڻڻ جي ارادي سان اڄ ميدان ۾ لهنديون. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اڄ ڪهڙي ٽيم فائنل ميچ کٽي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ٿي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو