ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي جي جاچ بابت ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي 7 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي جي جاچ خلاف حريم شاهه جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران حريم شاهه پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي درخواستگذار جي وڪيل موقف ڏنو ته حريم شاهه ايف آءِ اي جي سامهون سرنڊر ڪرڻ چاهي ٿي ايف آءِ اي کي حريم شاهه کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي وڪيل وڌيڪ چيو ته ايف آءِ اي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز تي نوٽيس جاري ڪيو هو پر مذاق ۾ ٺاهيل وڊيو تي حريم شاهه معافي گهري چڪي آهي
عدالت درخواستگذار جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ حريم شاهه جي 7 ڏينهن جي لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪندي 25 هزار روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو
عدالت حريم شاهه کي ايف آءِ اي سان جاچ م تعاون جي به هدايت ڪئي آهي جڏهن ته عدالت ايف آءِ اي سان تعاون نه ڪرڻ تي زر ضمانت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي
