لاهور : مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته فتني جي ظلم ۽ انتقام جي ٻڌل سياست کي ختم ٿيڻو ئي هو عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ تي عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس رد ٿيڻ کان پوءِ مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته توهين ته ٿي آهي ۽ سموري دنيا جي سامهون ٿي آهي ان ڪري ڪيس ختم ٿي ويو آهي چوڻ بجاءِ اهو چيو وڃي ته مناسب ٿيندو ته فتني کي معافي ملي آهي ان کان اڳ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته منهنجو پاسپورٽ مون کي واپس ڪيو ويو آهي پر منهنجو پاسپورٽ ان ڪيس ۾ 3 سال ضبط رهيو جيڪو ڪيس منهنجي خلاف ٺهيو ئي نه هو مريم نواز چيو ته منهنجي جلسن جي خوف کان فتني مونکي 3 مهينا نيب ۾ حبس بيجا ۽ ڪوٽ لکهپت جيل ۾ ڊيٿ سيل ۾ رکيو پر ڪيس اڄ تائين فائل ناهي ٿيو ن ليگ اڳواڻ چيو ته فتني جي ظلم ۽ انتقام تي ٻڌل سياست کي هڪ ڏينهن ختم ٿيڻو هو ڇو ته اهو قدرت جو اصول آهي پر هي ٻاهرين دنيا جو ايجنٽ اڄ به ڪوڙ ڳالهائڻ کان باز ناهي آيو. مڪافات عمل ۽ ان جو عبرتناڪ انجام هن جي پٺيان آهي مريم نوازشريف چيو ته مون کي ڪوبه ڏک نه آهي مون کي رب پاڪ انتقام ۽ ناانصافين کي منهن ڏيڻ جي تمام گهڻي همت ڏني آهي الله مون کي جهڪڻ ناهي ڏنو مون کي ظالمن جو ٿورو ادا ڪرڻو آهي ته اهي اڻچاڻائي ۾ منهنجي اهڙي ٽريننگ ڪري ويا جو مان پاڻ چاهيان ها تڏهن به نٿي ڪري سگهيس اهو سڀ منهنجي رب پاڪ جو ڪم آهي
