76

پنجاب حڪومت عطا تارڙ کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور : پنجاب حڪومت سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون ۽ انهن ڪاررواين ۾ تحريڪ انصاف جو سينئر وزير اسلم اقبال اڳڀرو آهي صوبائي حڪومت طرفان پنجاب اسيمبلي جي استحقاق ڪميٽي کي سياسي مخالفتن جي خلاف استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ استحقاق ڪميٽي عطا تارڙ کي گرفتار ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ان حوالي سان چوڌري علي اختر جي صدارت هيٺ پنجاب اسيمبلي جي استحقاق ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش نه ٿيڻ تي عطا تارڙ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ان کان اڳ به پنجاب پوليس 13 آگسٽ تي وزيراعظم شهباز شريف جي خاص معاون عطاءُالله تارڙ جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي ڇاپو هنيو هو پر هو گهر تي موجود نه هو 15 آگسٽ تي عطا تارڙ پنجاب پوليس جي امڪاني گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو عطا تارڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان استدعا ڪئي ته پوليس گرفتاري جي لاءِ رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو پنجاب پوليس کي منهنجي گرفتاري کان روڪيو وڃي ۽ منهنجي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عطا تارڙ جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ پنجاب پوليس کي عطا تارڙ جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو ياد رهي ته پنجاب ۾ حمزه شهباز جي حڪومت ختم ٿيڻ تي اڳوڻو صوبائي وزير عطاءُالله تارڙ هاڻ وفاقي ڪابينه جو حصو بڻجي چڪو آهي 28 جولاءِ تي عطاءُالله تارڙ کي وزيراعظم جو معاون خصوصي مقرر ڪيو ويو هو ۽ ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سندس عهدو وفاقي وزير جي برابر هوندو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو