76

ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون: سنڌ پوليس سيڪيورٽي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ پوليس 3 مهينن جي لاءِ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي گهرو وزارت سنڌ پوليس جي رپورٽ وڏي وزير مراد علي شاهه ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مڪاني چونڊن لاءِ اضافي اهلڪار ٻين ضلعن کان آيا هئا پر ٻوڏ سبب متاثر ضلعن کان پوليس اهلڪار هاڻ نٿا اچي سگهن پوليس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته مختلف يونٽس جا جوان به ڳوٺاڻن علائقن ۾ مقرر آهن ياد رهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊون پهريون ڀيرو 27 جولاءِ، ٻيون ڀيرو 28 آگسٽ تي ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر برساتن ۽ ٻوڏ صورتحال سبب چونڊون ملتوي ڪيون ويون هيون سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيون مرحلو امڪاني برساتن ۽ خراب موسم سبب 20 جولاءِ تي ملتوي ڪيو ويو هو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪراچي جي سمورن 7 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ 23 آڪٽوبر تي پولنگ جو اعلان ڪيو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو