ڪراچي : سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 341 ماڻهن ۾ ڊينگي وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 341 مان 241 مريضن جو تعلق ڪراچي سان آهي ٻئي طرف خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي جا 287 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جتي پشاور ۾ سڀني کان وڌيڪ 194 مريضن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي پنجاب ۾ ڊينگي سبب وڌيڪ 267 ڄنا بيمار ٿي پيا جن مان 118 مريضن جو تعلق لاهور سان آهي هوڏانهن ملتان ۾ ڊينگي جي ڪيسز ۾ واڌ سبب ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي
