ڪراچي : انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جون قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿي ويون عالمي ۽ مقامي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ مٽاسٽا جي شرح 27.3 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 23.2 سيڪڙو تي پهتي ٻنهي مارڪيٽن ۾ ڊالر جي بي قدرتي جو سلسلو جاري آهي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر 1.92 روپين جي گهٽتائي سان 225.36 روپيه ٿي وئي اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر 75 پئسن جي گهٽتائي سان 229.25 روپيه ٿي وئي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي چارج سنڀاليندي ئي ناڻي واري وزارت ۽ مرڪزي بئنڪ ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ سان پاڪستاني روپيو استحڪام طرف وڌي رهيو آهي پر ڪجهه معاشري ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊالر جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي ماهرن جو چوڻ آهي ته معيشت کي پيش ايندڙ چلينجز باوجود واپاري ۽ صنعتي حلقن کي نئين ناڻي واري وزير سان جڙيل اميدون روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر کي هيٺ ڪري رهيون آهن ڇو ته واپار ۽ صنعتي حلقن کي اميد آهي ته نئون ناڻي وارو وزير پنهنجي وڏي تجربي سبب معيشت کي ڀنور مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو
