102

سکر : ڀرسان اروڙ يونيورسٽي ۾ محفل نعت خواني ميلاد نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم منعقد ڪئي وئي

سکر : ڀرسان اروڙ ۾ قائم بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي ۾ محفل نعت خواني ميلاد نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ منعقد ڪيل ميلاد ۾ چار يونيورسٽيز، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته جشن عيد ميلاد النبي صه ۾ آئي بي اي سکر شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سميت اسڪولن، ڪاليجز ۽ ٻين يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردياڻين پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي جي شاگردياڻين ۾ محفل نعت خواني جو مقابلو رکيو ويو جنهن ۾ يونيورسٽي جي شاگردياڻين حصو ورتو، جڏهن ته بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شهزاد نسيم جو چوڻ هو ته وومين يونيورسٽي ۾ هر سال جيان هن سال به جشن عيد ميلاد النبي مصطفي منعقد ڪيو آهي هن چيو ته سڄي دنيا ۾ جشن ميلاد النبي صہ جي خوشي جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن گهٽين گهرن مسجدن ۽ عمارتن کي رنگ به رنگي لائيٽن سان سجايو ويو آهي جڏهن ته جشن عيد ميلاد نبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي هن چيو ته انسان، جن ۽ فرشتا پڻ الله پاڪ جي عبادت ڪندا رهن ٿا ۽ اسان خوش قسمت ماڻهون آهيون جو حضور سائين حضرت محمد مصطفا صه جي اسان امت آهيون انهن تي دورد شريف موڪلي شرف حاصل ڪيون ٿا مقابلي ۾ وومن يونيورسٽي جي شاگردياڻين پهرين پوزيشن ماڻي ٻي پوزيشن غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٽين پوزيشن آئي بي اي سکر جي شاگردياڻين حاصل ڪئي جن کي نقد ڪيش پيسه ميڊل ۽ سرٽيفيڪيٽ انعام پڻ ڏانا ويا بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي کي پڻ مڪمل قمقمن سان سجايو ويو هو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو