94

ٺڪراٺو : ڀرسان سنگرار ۾ مردن ۽ عورتون ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاج ڪيو

ٺڪراٺو : ڀرسان سنگرار جي ديھ ڏاڊھ ۾ زمين جي مالڪي تان ڪٽپر ۽ سولنگي برادري ۾ ھلندڙ تڪرار خلاف سولنگي برادري جي مردن ۽ عورتون ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاج ڪيو اعلا اختيارين کان انصاف ۽ تحفظ جي گهر ٺڪراٺو ڀرسان سنگرار جي ديھ ڏاڊھ ۾ زمين جي معامري تان ڪٽپر ۽ سولنگي ڌرين ڇڪتاڻ سولنگي برادري جي ماڻھن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت قرآن پاڪ ھٿن ۾ کڻي ڪٽپر ڌر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو سنڱرار ڀرسان ديھ ڏاڊھ ۾ زمين جي مالڪي تان ڪٽپر ۽ سولنگي برادري ۾ ھلندڙ ڇڪتاڻ خلاف سولنگي برادري جي سوين ماڻهن جو عورتون ٻارڙا ساڻ ڪري پاڪ ڪتاب ھٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي مسمات شرمان سولنگي، رياض حسين، غلام ياسين، غلام قاسم سولنگي، ۽ مسمات صدوري ۽ ٻين الزام هڻندي چيو تہ برساتن ۾ گھر ٻڏي ويا آھن واري جي سرڪاري ڀٽن تي چپرا اڏي ويٺا آهيون، جتان اٿارڻ لاءِ ڪٽپر برادري ھٿيارن جي زور تي حملو ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رھيا آھن چون ٿا ھتان لڏي وڃو حد ٿاڻي سنڱرار جي پوليس به جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي جوابدار اسان کي اڃان بہ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ڪٽپر ڌر جي چڱي مڙس جماالدين ڪٽپر ٻڌايو تہ جنھن دڙي سولنگي لڏي اچي ويٺا آھن اھو اسان جي زمين مھاڳ آھي ڪجھ ڏينھن عارضي طور ويھڻ جو چئي ھينئر قبضو ڪرڻ چاھن تان جنھن تا ڇڪتاڻ ٿي آھي جڏھن ايس ايڇ او سنڱرار الھوڌايو پتافي ٻڌايو تہ ٻئي ڌريون سرڪاري واري جي ڀٽن تان ڇڪتاڻ آھي ٻنھي خلاف جھيڙي رپورٽ داخل ڪئي آھي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا مظاھرين ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي اڻڌري انڪوائري ڪرائي اسان کي تحفظ ۽ انصاف ڏياريو وڃي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو