89

اليڪشن ڪميشن اسٽيٽ بئنڪ کان عمران خان جي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل گهري ورتا

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس ۾ اسٽيٽ بئنڪ کان عمران خان جي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل گهري ورتا آهن عمران خان پاران توشه خانه مان ورتل تحفا مالي گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن اسٽيٽ بئنڪ کان عمران خان جي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل گهري ورتا آهن اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب اسٽيٽ بئنڪ مان عمران خان جي بئنڪ اڪائونٽس جي تفصيلن جي لاءِ لکيو ويو آهي اسٽيٽ بئنڪ عمران خان جي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل اليڪشن ڪميشن کي ڏيندو اليڪشن ڪميشن اسٽيٽ بئنڪ طرفان تفصيل ملڻ کان پوءِ جائزو وٺندي بئنڪ اڪائونٽس جو جائزو وٺڻ کان پوءِ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويندو ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي تي فيصلو محفوظ ڪري رکيو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو