سکر : جي سائيٽ ايريا واري علائقي جي ڳوٺ نهال خان کوسو جي رهواسين پاران فيڊ فيڪٽري انتظاميا جي مبينه ڏاڍاين خلاف فيڪٽري جي گيٽ آڏو يوسي وائس چيئرمين اميد علي کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري فيد فيڪٽري انتظاميا خلاف نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اميد علي کوسو۔غلام حسين کوسو۔طالب حسين کوسو جو چوڻ هو ته اسان جي ڳوٺن ڀرسان قائم ڪيل سبحاني فيڊ فيڪٽري انتظاميا زهريلو گرم پاڻي نيڪال ڪري رهيا آھن جيڪو تلائن جي شڪل ۾ تبديل ٿيڻ ڪري جانور پاڻي جي تلائن ۾ ڦاسي زخمي ٿين ٿا ۽ پيئڻ سبب مري به ويا آھن جڏهن ته فيڪٽري مان زهريلو مادو خارج ٿيڻ ڪري ڳوٺن ۾ چمڙي ۔ساهي سميت ٻيون بيماريون پکڙجي رهيون آھن مظاهرين لاڳاپيل اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڄاڻايل عمل خلاف ڪاروائي ڪرائي جانورن ۽ رهواسين کي آزار کان بچايو وڃي
