لاهور : لاهور جي احتساب عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي آشيانه اقبال ريفرنس ۾ مستقل حاضري جي درخواست جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي احتساب عدالت جي جج ساجد اعواڻ ٻن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. لکت ۾ جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته بطور وزيراعظم شهباز شريف کي آئيني ۽ سرڪاري ذميواريون نڀائڻيون آهن اها به حقيقت آهي ته جوابدار 2021 کان لاڳيتو عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي شهباز شريف جي پيش نه ٿيڻ سان ٽرائل متاثر نه ٿيندو حڪم ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته شهباز شريف پنهنجي جڳهه تي عدالت ۾ پيشي جي لاءِ نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آهي ايڊووڪيٽ انور حسين شهباز شريف جي نمائندي طور تي پيشي تي عدالت ۾ پيش ٿيندو شهباز شريف جي مستقل حاضري جي معافي واري درخواست منظور ڪئي وڃي ٿي پر عدالت جي طلب ڪرڻ تي شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو پابند هوندو ياد رهي ته گذريل ڏينهن احتساب عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي هئي
