85

عمران خان جو علاج راڻا ثناءُالله کي ڪرڻ اچي ٿو: مريم نواز لنڊن روانو ٿي وئي

لاهور : مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز لاهور ايئرپورٽ کان لنڊن رواني ٿي وئي آهي ايئرپورٽ تي ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي رهيو آهي عمران خان جو علاج گهرو وزير راڻا ثناءُالله کي ڪرڻ اچي ٿو لنڊن ۾ ميڊيڪل چيڪ اپ کان پوءِ سرجري جو فيصلو ڪيو ويندو مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو ته مان نوازشريف جي آواز آهيان اڄ نوازشريف سان ملاقات ۽ خوشي جو ڏينهن آهي پهريان به ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط ڪيو ويو هاڻ به ڪنداسين شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار ملڪ کي معاشي دلدل مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن خانداني ذريعن موجب مريم نواز 6 نومبر تي لنڊن کان واپس ايندي هو لنڊن ۾ والد جي عيادت ۽ ان سان سياسي صلاح مشورا ڪندي ذريعن موجب ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته مريم نواز پنهنجي والد نوازشريف سان گڏ ملڪ واپس موٽي لنڊن روانگي کان اڳ مريم نواز پنهنجي والده ڏاڏي ۽ چاچي جي قبر تي به حاضري ڏني مريم نواز لنڊن ۾ پنهنجي هڪ سرجري به ڪرائيندي ياد رهي ته مريم نواز تقريبن 3 سالن کان پوءِ پنهنجي والد سان ملاقات ڪندي پاسپورٽ نه هجڻ سبب لنڊن ۾ پنهنجي پٽ جنيد صفدر جي نڪاح واري تقريب ۾ به شرڪت نه ڪري سگهي هئي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو