اسلام آباد : آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته فوج پاڻ کي سياست کان پري رکيو آهي ٻن مهينن کان پوءِ عهدي جو ٻيو مدو پورو ٿيڻ تي رٽائرڊ ٿي ويندس واشنگٽن ۾ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه عهدي جي مقرر عهدي جي پوري ٿيڻ تي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٻن مهينن کان پوءِ ٻيون مدو پورو ٿيڻ تي رٽائرڊ ٿي ويندس هن چيو ته اهڙي ڳالهه جو اظهار مان اڳ به ڪري چڪو آهيان واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ مانجهاندي جي موقعي تي آرمي چيف چيو ته فوج پاڻ کي سياست کان پري رکيو آهي ملڪ جي معيشت کي بحال ڪرڻ معاشري جي سمورن طبقن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. مضبوط معيشت کان سواءِ قوم پنهنجا حدف حاصل نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته مضبوط معيشت کان سواءِ ڪابه سفارتڪاري نٿي ٿي سگهي.
هوڏانهن آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪا جي دوري دوران دفاع جي سيڪريٽري جنرل(ر) لائيڊ جيمز آسٽن، قومي سلامتي جي صلاحڪار جيڪب جيرميا سليوان ۽ ڊپٽي سيڪريٽري آف اسٽيٽ وينڊي روٿ شرمن سان ملاقاتون ڪيون آهن جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي صورتحال سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقاتن ۾ پاڪستان سان تعاون تي آمريڪي اختيارين جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته اسان جي عالمي ڀائيوارن طرفان ڪيل مدد پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ اهم هوندي ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن طرفان اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا ڊگهي مدي اقتصادي لاڳاپن واپار ۽ سرمائيڪاري ذريعي بهتري کي جاري رکيو ويندو هوڏانهن آرمي چيف فلوريڊا ۾ سامونڊي طوفان سبب ٿيندڙ فوتگين ۽ تباهي تي تعزيت جو اظهار ڪيو هن چيو ته پاڪستان متاثر خاندانن جي نقصان کي چڱي ريت سمجهي ٿو ته ڇو ته پاڪستاني موسمياتي تبديلي جي اهڙن اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغانستان سميت اهم عالمي مسئلن ۽ انساني بحران کان بچڻ، خطي ۾ امن استحڪام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ تعاون جي ضرورت آهي
