سرينگر : والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي ۽ قابض ڀارتي فوج وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوانن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو آهي ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج ضلعي شوپيان ۾ سرچ آپريشن جي بهاني 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو ڪي ايم ايس ڪي موجب ڀارتي فورسز 3 ڪشميري نجوانن کي دراچ جي علائقي ۽ هڪ کي مولو ۾ شهيد ڪيو ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فورسز طرفان اڃان تائين شوپيان ۾ سرچ آپريشن جاري آهي
