146

برسات کان پوءِ سموري سنڌ جيئن ٺڪراٺو ۾ به صورتحال خراب

ٺڪراٺو : سموري سنڌ جيان ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي  جي علائقن ۾ تازو برساتن سبب ٿيل تباهي علائقي واسين جي اهنجن ۾  اضافو ته ڪيو پر سرڪاري مشينري انهن جي زخمن تي ملم پٽي رکڻ بجاء لوڻ ٻرڪي انهن جي زخمن کي تازو ڪري رهي آهي پوري سنڌ جيان ٺڪراٺو ڀرسان يوسي نارو همٿر ۾ به برسات متاثر پنهنجي معصوم ٻچڙن سميت کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن  سندن ڪنهن به سار نه لڌي برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ٺڪراٺو ڀرسان ڳوٺ شير محمد پتافي جي  برسات متاثرن وٽ ڪو به لڙي نه آيو  واهر نه ٿيڻ خلاف چونڊيل نمائندن ۽ تعلقه پنوعاقل ايڊمنسٽريٽر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو تعلقه پنوعاقل جي يوسي ناروهمٿر جي وارڊ 04 جي ڳوٺاڻن عبدالحميد پتافي ، قدير پتافي ، عطا حسين پتافي ۽ ٻين ميڊيا آڏو الزام ڳالهائيندي چيو ته تازو برساتن سبب اسان جا اجها ڊهي پٽ ٿي ويا ، ان لڙهي ويا ، چوپايو مال مري ويو ، معصوم ٻچڙا مڇرن سبب بيمارين سبب بسترن ڀيڙا آهن  اسان بي يارو مددگار آسمان جي ڇت هيٺ پنهنجا معصوم ۽ بيمار ٻچڙا وٺيو زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون اسين اقتداري پارٽي پيپلز پارٽيء جا ئي ووٽر آهيون پر کين سار لهڻ ڪو به لڙي ناهي  آيو ، اسانکي شايد پنهنجي ڀيڻ بينظير جي پارٽيء کي ووٽ ڏيڻ جي سزا ملي رهي آهي ، ڇو ته برساتن کانپوء آيل راشن ، خيمه ، امدادي سامان چونڊيل نمائندن جي ڪجھ خاص ماڻهن کي فون تي ئي ملي رهيو آهي ۽ اهي وري پنهنجي مٽن مائٽن ۾ اهي امدادي سامان ورهائن پيا پر اسان مسڪينن ڏانهن ڪير به نظر نه ٿو ڦيرائي ، چونڊيل ايم اين اي  سيد خورشيد شاھ  ايم پي اي ڄام اڪرا ڌاريجو ۽ تعلقه ايڊمنسٽريٽر عبدالله جهلڻ لڙي ته ناهن آيا پر انهن طرفان جيڪي امداد ڏني وئي آهي اها به تازو بلدياتي اليڪشن ۾ چونڊيل ضلع ميمبر ۽ چيرمين حوالي ڪئي وئي جن پنهنجي  من پسند ماڻھن کي راشن وغيره ڏنو اسان ڏانهن لڙي نه آيا صرف هڪ دفعو ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو جو پي اي خليل وٽن هلي آيو هو جيڪو سندن پٽ ٿيل اجهن ۽ تباھ ٿيل فصلن ، مري ويل چوپائي مال  ۽ بيمار معصوم ٻچڙن جا وڊيوز ۽ تصويرون ته ڪڍي ويو پر  هن مهل تائين نه  فون اٽينڊ ڪري ٿو ۽ نه ئي ڪو ايم پي اي طرفان کين امدادي سامان يا راشن ڏياريو ويو آهي اسين پنهنجي معصوم ٻچڙن سميت کلي آسمان هيٺ رات ڏينهن گذارڻ تي مجبور آهيون ،
هوڏانهن تازو چونڊيل چيرمين غلام رسول پتافي سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته اسان اڃان تائين قسم ئي ناهي کنيو پر جيڪي به امداد ملي آهي اها يوسي جي هر ڳوٺ تائين پهچائي آهي ، مظاهرين سنڌ سرڪار هتان جي چونڊيل نمائندن ڊپٽي ڪمشنر سکر اي سي ۽ مختيارڪار پنوعاقل کي اپيل ڪئي ته سندن فوري طور سار لهي کين راشن ۽ ٽينٽ ڏني وڃي ۽ بيمار معصوم ٻچڙن جو سرڪاري علاج ڪرائي سندن زندگيون بچايون وڃن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو