ڪراچي : ڪجهه ڏينهن دوران پاڪستاني روپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 15 روپيه 75 پئسا گهٽتائي ٿي چڪي آهي اڄ اربع ڏينهن به ڪاروباري ڏينهن جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ روپيو 74 پئسا سستو ٿي ويو جنهن کان پوءِ ان جي قيمت 223 روپيه 90 پئسن کان گهٽ ٿي وئي آهي ياد رهي ته انٽر بئنڪ جي اٺين ڪاروباري سيشن ۾ آمريڪي ڊالر 15 روپيه 75 پئسا سستو ٿي چڪو آهي
