اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف ميمبرن جون استعيفائون سياسي مسئلو آهي ان جي حل لاءِ پارليامينٽ موجود آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته استعيفائن جي منظوري ۾ طريقيڪار تي عمل ناهي ڪيو ويو هي عدالت پارليامينٽ جو احترام ڪري ٿي درخواستگذارن کي پهريان پنهنجي نيڪ نيتي ثابت ڪرڻي پوندي چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي درخواستگذار پارٽي پاليسي جي خلاف ويندا هن عدالت کي خبر ته هجي ته ڇا اها پارٽي جي پاليسي آهي درخواستگذارن کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو پارليامينٽ جو سيشن اٽينڊ ڪندا رهيا آهن چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته تڪ جي عوام ڀروسو ڪري هن ماڻهن کي پارليامينٽ ۾ اماڻيو اهي سياسي تڪرارر آهن ۽ انهن جي حل لاءِ پارليامينٽ موجود آهي درخواستگذارن جي وڪيل علي ظفر پنهنجي موقف ۾ چيو ته ميمبر پارٽي پاليسي جي خلاف نه آهن ان تي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته پوءِ درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي پارٽي ته چوي ٿي ته اسان استعيفائون ڏنيون آهن جيڪڏهن پارٽي پاليسي سان گڏ آهي ته تڪرار پيدا ٿين ٿا هي عدالت اسپيڪر کي ڊائريڪشن ته نٿي ڏئي سگهي اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته پٽيشنرز ڪلين هينڊز سان عدالت آيو يا نه بيرسٽر علي ظفر چيو ته پٽيشنرز پنهنجي پارٽي پاليسي خلاف عدالت ناهن آيا ان شرط تي استعيفائون ڏنيون ويون ته 123 ميمبرن استعيفائون ڏنيون اسپيڪر سموريون استعيفائون منظور ناهن ڪيون صرف 11 استعيفائون منظور ڪيون ويون اسان چئون ٿا ته ڏنل استعيفائون مشروط هيون جيڪڏهن سمورن ميمبرن جون استعيفائون منظور ناهن ٿيون ته شرط به پوري ناهي ٿي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اهوئي پارٽي جي موقف ۾ تضاد آهي ان لاءِ نيڪ نيتي ثابت ڪرڻ جو چيو جن جي استعيفيٰ منظور ناهي ٿي انهن کي پارليامينٽ ۾ ويهڻ گهرجي جيستائين استعيفائون منظور ناهن ٿيون انهن کي پارليامينٽ ۾ موجود هجڻ گهرجي ميمبرن جي ذميواري هوندي ته هو پنهنجي تڪ جي پارليامينٽ ۾ نمائندگي ڪن چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن ٻيا پارليامينٽ ميمبر ويٺا ته شايد هي عدالت درخواست منظور ڪري سگهي ٿي هڪ طرف هي پارليامينٽ ۾ نٿا ويهن ته ٻئي طرف سيٽون واپس گهري رهيا آهن بيرسٽر علي ظفر عدالت کان استدعا ڪئي ته مون کي هڪ ڪلاڪ ڏيو مان صلاح مشوري کان پوءِ عدالت کي آگاهي ڏيان ٿو جنهن کان پوءِ ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو ويو
108