75

عمران خان جو امڪاني لانگ مارچ اسلام آباد ۾ ڪنٽينرز پهچڻ شروع ٿي ويا

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي امڪاني لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن ۽ شهر ۾ ڪنٽينر پهچڻ شروع ٿي ويا آهن اسلام آباد انتظاميا ڪنٽينرز فيض آباد پهچائي ڇڏيا آهن رپورٽ موجب لانگ مارچ جي صورت ۾ فيض آباد کي مڪمل طور تي سيل ڪيو ويندو رپورٽ موجب ڪنٽينرز اچڻ ۽ وڃڻ وارن رستن تي رکيا آهن جن ۾ مري روڊ وارو رستو ۽ ايڪسپريس هاءِ وي طرف ايندڙ رستا به شامل آهن پوليس جو چوڻ آهي ته جڏهن ضلعي انتظاميه طرفان آرڊر ٿيندو هو اسلام آباد ۾ داخل ٿيندڙ هر رستو سيل ڪري ڇڏيندا ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لانگ مارچ جون تياريون تيز ڪري ڏنيون آهن احتجاج ۽ لانگ مارچ بابت تيارين کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اهم اجلاس به گهرايو ويو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو