77

وزيراعظم شهباز شريف جي اڄ اهم پريس ڪانفرنس، سياسي صورتحال تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف اڄ اهم پريس ڪانفرنس ڪندو جنهن ۾ هو ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ ٻنپهرن جو 3 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندو جنهن ۾ هو ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پي ڊي ايم ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي اهم فيصلن کان به قوم کي آگاهه ڪندو وزيراعظم سائفر معاملي ۽ هڪ سياسي پارٽي جي لانگ مارچ جي سڏ تي پاليسي بيان به ڏيندو ياد رهي ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ سائفر ۽ آڊيو ليڪ جي معاملي تي ايف آءِ اي کان جاچ جي منظوري ڏني هئي جڏهن ته گذريل ڏينهن ٿيندڙ پي ڊي ايم اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون هيون

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو