ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ جي آفيس آڏو گولا برادري پاران مبينا طور اغوا ٿي ويل علي مراد عرف گورو گولو جي بازيابي لاء احتجاج ڪيو ان موقعي تي مغوي جي وارثن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته چار ڏينھن اڳ اسان جو ھمراھ ٽريڪٽر ٽرالي ساڻ ڪري ڀر واري ڳوٺ پھچائڻ ويو جتي واپسي تي گبلو ٿاڻي جي حد ميلاپ بند وٽان کين اغوا ڪيو ويو اسان پورھيت جي ڳولا ھر ھنڌ ڪئي جنھن بعد ڪالھ مغوي جي پنھنجي فون تان ڌاڙيلن پاران اغوا جي تصديق ڪندي بازيابي لاء پنجاھ لک طلب ڪيا جيڪي اسان وٽ نھ آھن ان لاء اڄ اسين مجبور ٿي ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪري ستل پوليس کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪريون پيا جيستائين مغوي کي بازياب نھ ڪرايو ويندو اسان جو احتجاج جاري رھندو
