لاهور : تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي سينئر وزير اسلم اقبال کي پنجاب مان ايندڙ قافلن لاءِ سرڪاري وسيلن جي استعمال جون ذميواريون ڏئي ڇڏيون آهن هاڻ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ غريب عوام جي ٽيڪس جو پئسو خرچ ڪيو ويندو ڇو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سينئر صوبائي وزير اسلم اقبال کي پنجاب جي قافلن لاءِ سرڪاري وسيلن جي استعمال جون ذميواريون ڏئي ڇڏيون آهن ذريعن ٻڌايو آهي ته تحريڪ انصاف جي امڪاني لانگ مارچ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پنجاب جي قافلن جي ذميواري پنجاب حڪومت جي حوالي ڪئي آهي ذريعن موجب جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ شامل 50 هزار ماڻهو اسلام آباد ۾ داخل ٿين ٿا ته روزاني 15 کان 20 ڪروڙ روپيه خرچ ڪيا ويندا ۽ ان حوالي سان عمران خان سينئر وزير کي سهولتون يقيني بنائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ذريعن موجب روزاني 15 کان 20 ڪروڙ روپين جي خرچ جو اندازو لڳايو ويو آهي لانگ مارچ ۾ ٽرانسپورٽ کاڌي پيتي، پيٽرول ۽ جنريٽر جي مد ۾ ڪروڙين روپيه خرچ ڪيا ويندا ۽ پنجاب کان ايندڙ ڪارڪنن کي سهولتون ڏيڻ ۽ انهن جو خيال رکڻ پنجاب حڪومت جي ذميواري هوندي
