لاهور : ٽي ملڪي ڪرڪيٽ سيريز جي ٻئين ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ميچ ڪرائسٽ چرچ جي باگلي اوول ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو پيو وڃي جتي ميزبان ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي مهمان ڪپتان بابر اعظم کي فيلڊنگ جي دعوت ڏني نيوزيلينڊ خلاف پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي پاڪستان طرفان اڄ ٽي رانديگر ميچ نه کيڏندا جن ۾ فاسٽ بالرز نسيم شاهه ۽ محمد حسنين شامل آهن جيڪي وائرل انفيڪشن جو شڪار ٿي ويا آهن ان کان علاوه آل رائونڊر عثمان قادر به انگلينڊ خلاف هوم سيريز ۾ انجرڊ ٿي ويو هو سندس آڱوٺي ۾ فيلڊنگ دوران فيڪچر ٿي ويو هو
