81

صدر عارف علوي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڪامران ٽيسوري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : صدر عارف علوي ڪامران خان ٽيسوري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامران ٽيسوري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 101 جي تحت ڏني آهي ياد رهي ته سنڌ جي گورنر جو عهدو عمران اسماعيل جي استعيفيٰ کان پوءِ خالي هو ياد رهي ته مسلم ليگ فنڪشنل کان ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪندڙ سياسي اڳواڻ ڪامران ٽيسوري گذريل مهيني سيپٽمبر ۾ ئي پارٽي ۾ واپس شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو ڪامران ٽيسوري 9 سيپٽمبر تي پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ رابطه ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات کان پوءِ ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو هتي اها ڳالهه به ذڪر ڪرڻ جوڳي آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اختلاف ان وقت سامهون آيا هئا جڏهن سال 2018 ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳوڻي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار ڪامران ٽيسوري کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو ان وقت جي تنظيمي عهديدارن ۽ رابطه ڪميٽي ان فيصلي تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي فاروق ستار کي فيصلي تي نظر ثاني جو چيو هو ۽ اهو معاملو تمام گهڻو خراب ٿي ويو هو جنهن تي فاروق ستار پارٽي اڳواڻي سميت تنظيم کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو ڪامران ٽيسوري کي پارٽي اندر ان ورهاست جو ذميوار سمجهيو ويندو هو جنهن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار پارٽي کان ڌارٿيو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو