ٺڪراٺو : سموري ملڪ جيان ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جشن عيد ميلاد النبي ﷺ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو مختلف ڳوٺن کان ميلا النبي ﷺ جون ريليون ڪڍيون ويون جيڪي پنهنجي روايتي روٽن کان ٿينديون ٺڪراٺو پهچي ڪري مک ريلي ۾ شرڪ ٿيون جيڪا ريلي نصير دڙي ، نانگورو ۽ لالو پٽ پهتي جتي جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جو شاندار جلسو ڪوٺايو ويو هو جنهن آيل عالم دين پاران حضور پاڪ ﷺ جن جي زندگي مبارڪه ۽ سيرت طيبه تي روشني وڌي ويئي ، ريلي ۾ هر طرف ساون جهنڊن جي ساواڻ ۽ لبيڪ يارسول الله ﷺ ۽ مرحبا يا مصطفي ﷺ جا نعرا گونجندا رهيا ۽ ريلي جا سڪيورٽي انتظام حرمجاهدن ۽ قادري تحريڪ جي جوانن سنڀاريا ٺڪراٺو سموري ملڪ جيان ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جشن عيد ميلاد النبي ﷺ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو مختلف ڳوٺن کان ميلا النبي ﷺ جون ريليون ڪڍيون ويون هر سال جيان هن ڀيري به سڪندري علماء ۽ قادري تحريڪ پاران هڪ شاندار ريلي ڪڍي ويئي ريلي اڳواڻي حافظ شاهد حسين قادري ۽ حافظ خانوند بخش سڪندري جن ڪئي ريلي ڳاڙهودڙو کان ڳوٺ حرمجاهد ڀائي خان مهر ۾ پهتي جتان راويتي روٽ جواري شاھ ، ڀيٽور شريف ، پير ميانڪنڍو کان ٿيندي ٺڪراٺو پهچي خانڳڙھ شريف کان مک ريلي۾ شريڪ ٿي جتي پڻ مختلف ڳوٺن مبارڪپور ، روپهر ، نانگورو ، گهٽي ۽ ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن کان ريليون خانڳڙھ شريف جي سجاده نشين پاران مک ريلي جيڪا خانڳڙھ شريف کان خانپور مهر ، شاهپور مهر ۽ مبارڪپور کان ٿيندي ٺڪراٺو شهر پهتي جيڪا ريلي هڪ وڏي جلوس ۾ تبديل ٿي وئي جنهن ۾ سوين موٽرسائيڪلون ، ڪارون ، ٽريڪٽر ٽرالين تي سوار عاشقان رسول جنجي هٿن ۾ ساوا جهنڊا ۽ هر طرف يارسول الله ﷺ جا نعرا فضا ۾ گونجندا رهيا ، ريلي ۾ عاشقان رسول جنهن ۾ ننڍا وڏا پڪا پوڙها، نوجوانن ۽ ٻارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي عاشقن جي هر ڳوٺن ۾ پهچڻ تي سندن شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ خيرات ۽ لنگر جو پڻ بندوبست پڻ ڪيو ويو هو ، ريلي ۾ هر طرف ساون جهنڊن جي ساواڻ ۽ لبيڪ يارسول الله ﷺ ۽ مرحبا يا مصطفي ﷺ جا نعرا گونجندا رهيا ۽ ريلي جا سڪيورٽي انتظام حرمجاهدن ۽ قادري تحريڪ جي جوانن سنڀاريا
