90

ڪنڌڪوٽ : شھر ۾ ڊاڪٽر جي گھر مان لکين روپين جي چوري معصوم ٻار پراسرار گم

ڪنڌڪوٽ : شھر ۾ بدامني جي باهه بڙڪي پئي ڊاڪٽر جي گھر مان لکين روپين جي چوري معصوم ٻار پراسرار گم گھر ۾ ڪھرام متل پوليس چوري واري واقعي ۽ ٻار جي گھر پھچي ڄاڻ ورتي بدامني تي عوام ۾ خوف پکڙيل
تفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ شھر ۾ بدامني جي باهه بڙڪي پئي شھر جي گنجان آباد ڪاسائي پاڙو ۾ مشھور ڊاڪٽر سريش ڪمار ڀوڄواڻي جي گھر ۾ اڻڄاتل چور داخل ٿي گھر جي اندر پيل اٽڪل 18 کان 20 تولا سون ۽ ٽي لک روپيا چوري ڪري ويا انھي حوالي سان ڊاڪٽر سريش ڪمار ڀوڄواڻي ٻڌايو ته صبح جو پٽ اٿاريو ته گھر ۾ ڌاڙو لڳو آهي چوري ٿي آهي صبح جو ستين وڳي اٿي فوري پوليس کي اطلاع ڪيوسي پوليس جلدي پھچي ڪري واردات واري ھنڌ جو معائنو ڪيو پيرا به نظر آيا ۽ فنگر به ورتا آهن پوليس مڪمل سھڪار ڪيو آهي اٽڪل 30 لکين جي ماليت جي چوري ٿي آهي اھڙي واقعي تي ڊي ايس پي يار محمد رند، ھڪ ڏينهن اڳ مقرر ٿيل ايس ايڇ او گل محمد مھر پوليس ٽيم سان گڏجي پھچي ڪري مڪمل معائنو ڪيو ۽ ڪجهه شاھديون به ھٿ ڪيون جڏھن ته شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن ظريت ساگر بجاراڻي غلام مصطفيٰ ميراڻي، اڪرم باجڪاڻي محمد ابراھيم خاڪي شبير ميراڻي سجاد بروھي بشير ميراڻي راجا گوپي چند دليپ ڪمار ٺاڪر بقا محمد بنگوار استاد ڀيشم لال ڊاڪٽر حضور بخش سومرو سميت ڪافي شھري ۽ ھندو برادري جا ماڻھو پھچي ويا اي سيڪشن ٿاڻي جي حد دايه محلي ۾ گھر اڳيان گذريل شام جمعي جي ڏينهن ٽن ورھين جو معصوم زوار علي شاهه پراسرار نموني گم ٿي ويو جنهن جو ڪو به ڏس پتو نه پيو وارثن اغوا جو شڪ ظاھر ڪري ڇڏيو معصوم ٻار جي پراسرار نموني سان گم ٿيڻ بعد سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو سيد برادري ۽ وارثن سيد رحم علي شاهه علي مراد شاهه شھري اتحاد ء صرافا بازار جي صدر حضور بخش مغل رياض احمد ڏاھاڻي اشوڪ ڪمار ڊاڪٽر ميھر چند ۽ ٻين پوليس ۽ وس وارن کان معصوم نينگر جي واپسي لاءِ اپيلون ڪيون شھر جي ٻنھي واقعن تي سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ھلايو ويو ڪافي تعداد ۾ پوسٽون رکي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي چورن کي گرفتار ڪرڻ معصوم نينگر کي واپس ڪرائي امن امان قائم ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو