96

ڪنڌڪوٽ : ڪشمور جي ڪلوڙا محلي ۾ڏيرن هٿان ڀاڄائي جو قتل

ڪنڌڪوٽ : ڪشمور جي ڪلوڙ محلي ۾ انسانيت سوز واقعو ڏيرن هٿان ڀاڄائي جو قتل ڪلوڙا محلي جي رهواسڻ 40 سالا مسمات صغرا زال شاهجهان ڪلوڙ کي ڏيرن گهر اندر تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ ڪري ڇڏيو عورت کي زخمي حالت ۾ وارثن پاران گڊو اسپتال کڻائي ويا جتي ڊاڪٽرن پاران حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو تفصيل موجب ڪشمور ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو ڪلوڙ محله ۾ گهرو تڪرار سبب ڏيرن جهانگير ۽ عالمگير ڪلوڙ هٿان 40 سالا ڀاڄائي مسمات صغرا زال شاهجهان ڪلوڙ کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو مقتولہ جي ڀاءُ شعيب ڪلوڙ ميڊيا آڏو داهيندي ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ صغرا سان اڪثر ڏير وڙهندا هيا ۽ منهنجي ڀيڻ جو مڙس ڪراچي ۾ رهيو آھي ڪلھ اسانکي پاڙيوارن اطلاع ڪيو ته اوهانجي نياڻي کي ڏير تشدد ڪري رهيا آهن اسان پهتا سون ته اسان به جهانگير ۽ عالمگير وارا وڙهي پيا اسان پاڙيوارن سان گڏجي اندر داخل ٿياسين ته اسان جي نياڻي کي تشدد ٿيل هو ۽ بيڊ تي ٻڌل هئي اسان ان کي کڻائي ترت علاج خاطر گڊو اسپتال نيو سي جتي ڊاڪٽرن پاران حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي ڪشمور ٿاڻي تي جڏهن جهيڙي بابت رپورٽ لاءِ ويا سين ته ايس ايڇ او اقتدار جتوئي اسان کي بجاءِ رپورٽ وٺڻ جي قاتل ڌر سان ملي ڪري گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو پوليس جي ترت ڪاروائي نب ٿيڻ سبب اسانجي نياڻي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي آهي ٻئي طرف تعلقه اسپتال ڪشمور جي ايم ايس ڊاڪٽر جمع مزاري پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته اسان هڪ دفعو پوري نموني ليڊي ڊاڪٽر جي مدد سان مقتولا عورت جي چڪاس ڪري ٻيهر ملاڪن جي رضا خوشي سان پوسٽ مارٽم ڪيو آهي جيڪا رپورٽ ايندي مالڪن حوالي ڪبي هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙي افسوسناڪ واقعي جو ڪوبه ڪشمور ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو