ڪنڌڪوٽ لڳ گذريل رات دير سان دراني مھر ٿاڻي جي علائقي ڳوٺ مينگل چاچڙ ڀرسان جاگيراڻي ۽ چاچڙ برادري جي وچم ھلندڙ پراڻي جھيڙي دوران فائيرنگ ۾ مارجي ويل ڳوٺ انور جاگيراڻي جي رھواسي ٽيھن ورھين جي توڏل ۽ پنجويھن ورھين جي حاڪم عرف دلڙي جاگيراڻي کي بنا پوسٽ مارٽم جي سندن اباڻي قبرستان ۾ ھٿيارن جي ڇانو ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي ڪچي جي مختلف ڳوٺن مان سوين ماڻھن سندن جنازه نماز ۾ شرڪت پڻ ڪئي واضع رھي ته گذريل ٽن سالن کان دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ علائقي جي بدنام ڏوھاري جيئند جاگيراڻي ۽ ڪارڙا چاچڙن ۾ چوپائي مال جي ڦر تان خوني تڪرار ھلندڙھيو جنھن ۾ اڪويھ کان وڌيڪ ٻنھي ڌرين جا ماڻھو قتل ٿي ويا ھئا ۽ ڇھ مھينا پھرين ڪچي جي علائقي ۾ اتان جي مقامي ڏوھارين ويھي جرگو ڪرائي ڌرين کي ڀاڪر پارايا ۽ ڌرين ھڪٻئي کي ڏنڊ چٽيون ڀري ڏنيون۔ ذريعن موجب رات واري واقعي بعد ڪچي جو ماحول ھڪ ڀيرو وري بارود جي بون۽ سان ڀرجي ويو ۽ ڌرين ۾ ڪشيدگي پئدا ٿي ويئي جنھن سبب خونريزي جو خدشو پڻ پئدا ٿي ويو
