ڪنڌڪوٽ مان خبر ھڪ مھينو اڳ ڪشمور پوليس ببي بنگوار کي گرفتار ڪري گهوٽڪي پوليس حوالي ڪيو هو ببي بنگوار کي گهوٽڪي پوليس مقابلي بعد مارڻ جي دعوا پڻ ڪئي هئي ان معاملي تي پلاند ۾ اڄ بنگوار برادري طرفان ڊومڪين جو هڪ ماڻھو مبينا طور اغوا بعد قتل ڪري سوشل ميڊيا تي بيان پڻ جاري ڪندي قتل ٿيل جي لاش وار جڳه جي پڻ نشاندهي ڪئي آهي ببي بنگوار جي قتل بعد ڌريون مورچابند وڌيڪ خون ريزي ٿيڻ جو خطرو
