ڪرائسٽ چرچ : ٽي ٽوئنٽي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي سمورن شعبن ۾ آئوٽ آف ڪلاس ڪري 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي ۽ مقرر اوورز ۾ 7 وڪيتن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهيون ميچ ۾ پاڪستان طرفان بائونڊيز جو انگ گهٽ رهيو سموري ميچ ۾ هڪ به ڇڪو نه لڳو ۽ ٽيم گڏيل طور تي ميچ ۾ 15 چوڪا لڳايا
قومي ٽيم طرفان ڪپتان بابر اعظم 21 رضوان 16، شان مسعود 14 شاداب 8 ۽ حيدر علي 8 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا ياد رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ هلندڙ سيريز دوران اڄ ٽيون ميچ کيڏيو ويو پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻئين ميچ ۾ نيوزيلينڊ خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي هئي نيوزيلينڊ پاڪستان هٿان شڪست کان پوءِ ٻئي ميچ ۾ بنگلاديش خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي هئي
