سکر : عيد ميلاد جي سلسلي ۾ بيت الرحمن ويلفيئر ٽرسٽ پاران وڌيڪ 2 سئو متاثرن ۾ امدادي سامان راشن ۽ روڪ تقسيم، 10 لک رپين کان وڌيڪ جو سامان راشن ۽ نقد رقم ورهائي وئي آهي، مفتي محمد طاهر گھانگھرو، برسات متاثر خاندانن، ضرورتمندن، مسجد جي پيش امامن خطيبن ۽ مسڪينن ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت 2 سئو کان وڌيڪ امدادي سامان راشن ۽ نقد رقم تقسيم ڪئي وئي آهي، عيد ميلاد جي موقعي تي 10 لک رپين کان وڌيڪ جو سامان ورهايو ويو آهي جڏهن ته ڪنڌرا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ شروعات کان وٺي پنهنجي مدد پاڻ تحت 900 گهراڻن ۾ راشن ورهايو ويو آهي، 2000 کان وڌيڪ گهرن م مڇرمار لوشن ۽ مڇرداڻيون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته چار 4 مفت ميڊڪل ڪيمپ قائم ڪري 4000 هزار کان وڌيڪ مريضن جو ماهر ڊاڪٽرن پاران مفت چڪاس ۽ مفت دوائون ڏنيون ويون آهن
