75

اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

اسلام آباد : پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي طرفان داخل ڪيس ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ تحريڪ انصاف چيئرمين جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي
ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته خصوصي عدالت ايف آءِ اي جي هي درخواست ڇو نه پئي ٻڌي جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل ٻڌايو ته پرڏيهي ايڪسچينج ريگوليشن جو هڪ قلم لڳل آهي اهو سيشن جج کي اختيار هوندو آهي ته هو هن صورتحال ۾ ضمانت جي درخواست ٻڌي سگهي ٿو چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته حفاظتي ضمانت منظور ڪري ٿا وٺون چيف جسٽس عمران خان جي وڪيل سان ڳالهائيندي چيو ته هي درخواست ٻڌڻي هيٺ رکون ٿا جيڪڏهن معاملو حل نه ٿيو ته ٻيهر ٻڌي وٺنداسين جنهن کان پوءِ عدالت عمران خان جي حفاظتي ضمانت پنج هزار روپين جي مچلڪن عيوض اڱاري تائين منظور ڪري ورتي ۽ ايف آءِ اي کي عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو عدالت چيو ته اوهان لاڳاپيل عدالت ۾ ضمانت کان اڳ گرفتاري جي درخواست داخل ڪري سگهو ٿا عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان روانو ٿي ويو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو