ڪنڌڪوٽ جي اڳواڻن سرپرست حاجي حضوربخش مغل؛صدر ڊاڪٽر مھرچند؛سيٺ جئيرام داس؛ ڪاؤنسلر انجنئير موٽواڻي؛رياض احمد ڏاھاڻي؛حافظ عبدالقادر سيال؛عبدالفتاح مغل؛فيض محمد لوھر نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي زبير نظيرشيخ سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري ضلعي جي امن امان بابت عوا۾ پيدا ٿيل بي چيني۽ خوف واري صورتحال بابت ٻڌايو؛شھري اتحاد جي اڳواڻن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته ٽن سالن جي معصوم مغوي زوار علي شاھ سميت ضلعي مان 8 مغوين کي جلد بازياب ڪرائي ضلعي جي عوام مان پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي شھري اتحاد اڳواڻن ايس ايس پي کي شھرمان ڊاڪٽر سريش ڀوڄواڻي ۽ استاد غلام حيدر ملڪ جي گھرن ٿيل چورين سميت شھر۾ وڌي ويل چورين جي آزار۽ موٽرسائيڪلز جي چورين بابت پڻ آگاھي ڏني ۽ايس ايس گھر ڪئي ته گھرن جون ٿيل چوريون شھرين جون موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي ضلعي ۾ امن بحال ڪرائي عوام کي سک جو ساھ کڻڻ ڏنو وڃي؛؛؛انھي موقعي تي ايس ايس پي زبير نظير شيخ شھري اتحاد جي وفد کي يقين ڏياريون ته جلد ضلعي جو امن امان بحال ڪيو ويندو۽ ڏوھارين جي خاتمي لاء جلد جامع منصوبه بندي ڪري ڪاروايون ڪيون وينديون ۽ جلد مغوي سلامتي سان بازياب ڪرايا ويندا
