110

ڪنڌڪوٽ : ساوند سبزوئي تڪرار جو جرڳو شڪارپور ۾ ٿي ويو

ڪنڌڪوٽ ساوند سبزوئي تڪرار جو جرڳو شڪارپور ۾ سردار مير تيغوخان تيغاڻي ء سردار جانگھير خان ڪاڪيپوٽو جي صدارت ۾ ٿي گذريو مارجي ويل جو في عيوضو 30 لک جڏهن ته زخمي جا 10 لک ٻي ڌر سان وڙهڻ جو 10 لک روپيا ٽوٽل 80 لک روپيا اڳرائي ڪندڙ ڌر تي 10 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڌريون کير کنڊ ٿي ويون تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ 6 مھينا اڳ ساوند ء سبزوئي تڪرار جو فيصلو شڪارپور م ٿي گذريو جنهن ۾ سردار مير جانگھير خان ڪاڪيپوٽو ء سردار تيغوخان تيغاڻي جي نگراني ھيٺ ٿي گذريو في خون جو عيوضو 30 لک روپيا جڏهن ته زخمي جا 10 لک روپيا سبزوئي برادري جو مارجي ويل فوج علي سبزوئي جو خون ساوندن تي ثابت ٿيڻ تي 30 لک روپيا ڏنڊ جڏهن ته مارجي ويل ساوندبرادري جو نوجوان گدا علي ساوند جو عيوضو 30لک ء زخمي جو عيوضو 10لک مختيار سبزوئي تي ٻي گهر سان وڙھڻ جو ڏنڊ 10لک نواب سبزوئي تي جڏهن ته مجمومي طور تي 80 لک روپيا مقرر ڪئي وئي عيوضو م ڪٽي جڏهن ته باقي رقم سبزوئي برادري 20 لک روپيا ساوند برادري کي ڏيندي ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون علائقي م خوشي جھيڙو ماحول ٿي ويو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو