قاضي احمد : لڳ قومي شاھراهه تي تيز رفتار مسافر وين جو سوزڪي کي پويان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ عورت سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور سول اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو جتي زخمين کي طبي ڏنو ويو جڏهن ته ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري نوابشاهه اسپتال رفر ڪيو ويو آهي
هوڏانهن زخمين ۾ سھراب ڪلوئي ايوب گبول، ساماڻو گبول شبانا ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته حادثو وين ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو جڏهن ته وين ڊرائيور وين ڇڏي موقعي تان فرار ٿي ويو
