84

مڪاني چونڊون: سنڌ حڪومت سيڪيورٽي ۽ وسيلا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

سنڌ : حڪومت 23 آڪٽوبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي لاءِ گهربل سيڪيورٽي ۽ وسيلا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته 23 آڪٽوبرتي مڪاني چونڊن جي لاءِ گهربل سيڪيورٽي ۽ وسيلا موجود نه آهن ڇو ته وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار ٻوڏ متاثرن جي مدد ۾ مصروف آهن حڪومت جو موقف آهي ته سنڌ حڪومت 2 مرحلن دوران ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي 3 مهينن دوران حالتون معمول تي اچي ويون ته مڪاني چونڊن لاءِ سيڪيورٽي ۽ وسيلا تيارهوندا ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو