راولپنڊي : تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حقيقي آزادي جي لاءِ تمام جلد مارچ جو سڏ ڏيڻ وارو آهيان پير مهر علي شاهه باراني يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان اوهان کي حقيقي آزادي جي لاءِ تيار ڪرڻ آيو آهيان آزادي ملندي ناهي پر ڦرڻي پوندي آهي عمران خان چيو ته چورن ۽ آمريڪا جي غلامن کي اسان مٿان مڙهيو ويو، آمريڪي سازش تحت اسان تي آمريڪي غلامن کي ويهاريو ويو هي چور پنهنجي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائي رهيا آهن ۽ عوام مهانگائي ۾ ٻڏي وئي آهي معيشت تباهه ٿي رهي آهي ۽ وزيراعظم آمريڪا ۾ خيرات گهري رهيو آهي ته اسان کي پئسا ڏيو کيس شرم اچڻ گهرجي هو ملڪ کي بدنام ڪري رهيو آهي عمران خان چيو ته ناانصافي خلاف آواز اٿارڻ جهاد جي برابر آهي مان هن چورن سامهون بيٺل آهيان پر ناانصافي جي خلاف ڊڄڻا ۽ خودغرض ماڻهو ڪڏهن به نه بيهندا هن وڌيڪ چيو ته مان ڪرڪيٽ کان سياست تائين چيلنج ورتا آهن انسان جي اڏام ۾ سڀني کان وڏي رنڊڪ ڊپ آهي غلام جوتا پالش ڪندا آهن ۽ اڳواڻ آزاد هوندا آهن ڊڄڻو انسان ڪڏهن به اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي اهو نوازشريف بڻجي ويندو آهي نوازشريف هر مشڪل وقت ۾ ٻاهر هليو ويندو آهي تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته مان تمام جلد سڏ ڏيڻ وارو آهيان سڀني کان اڳيان مان پاڻ هوندس جيل ته ڇا مان پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان ملڪ جي حقيقي آزادي لاءِ سڀني کي نڪرڻو آهي زنجيرون ٽوڙيون وينديون آهن آزادي ڦري ويندي آهي سنڌ جي گورنر جي مقرري جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي عمران خان چيو ته هڪ ڏوهاري کي سنڌ جو گورنر بنايو ويو آهي
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڪامران ٽيسوري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي
