ڪنڌڪوٽ : واپڊا ٿرمل گڊو م واپڊا ڪالوني اندر گھرون اڻبڻت تان واپڊا ملازم جي گهرواري خودڪشي ڪري ڇڏي پوليس عورت جو لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي قتل يا خودڪشي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي گڊو پوليس تفصيل موجب گڊو ٿاڻي جي حد واپڊا گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي رھائشي ڪالوني اندر رھندڙ گھرون اڻبڻت تان واپڊا ملازم غلام مجتبي تنيو جي گهرواري ڪرن تنيو گهر اندر پکي ۾ ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي اھڙو اطلاع گڊو جي پوليس کي ڏنو ويو گڊو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ ماٽم لاء تعلقه اسپتال ڪشمور کڻائي وئي جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو گڊو پوليس جو وڌيڪ چوڻ آھي ته پوسٽ ماٽم جي رپورٽ کان پوء معلوم ٿي سگھندو ته واقعو خودڪشي آھي يا قتل جڏھن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آھي
