ڪنڌ ڪوٽ 5 ڏينھن کا ن سيڪشن ٿاڻي جي حد مان پر اسرار طور گم ٿي ويل ٽن سالن جي نينگر سيد زوار علي شاهه کي پوليس رسالدار ٿاڻي جي حد ٻيلي ڍوري واري علائقي ۾ مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آهي پوليس ترجمان موجب 5 ڏينھن اغوا ڪيل نينگر جي بازيابي لاءِ ایس ایس پي زبير نظير شيخ کي ڳجھي ڄاڻ ملي جنھن بعد ايس ايس پي جي ھدايت تي پوليس رسالدار واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪئي جتي پوليس ۽ اغوا ڪارن وچ ۾ مقابلو ٿيو اغوا ڪار نينگر کي ڇڏي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا معصوم نينگر جي بازيابي جي خبر پوڻ شرط وارثن ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي
