90

گڊو : ٿرمل پاور هائوس جا بجلي پيدا ڪندڙ سمورا يونٽ بند ٿي ويا

گڊو ٿرمل پاور هائوس جي 600 ميگاواٽ جي سوئچ يارڊ ۾ فني خرابي سبب گڊو ٿرمل پاور هائوس جا بجلي پيدا ڪندڙ سمورا يونٽ بند ٿي ويا آهن جنهن سبب گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ بجلي جي پيداوار زيرو ٿي وئي آهي جڏهن ته گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ بجلي جي پيداوار زيرو ٿيڻ سبب گڊو ٿرمل پاور هائوس کان سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي ياد رهي ته گڊو ٿرمل پاور هائوس جي بجلي پيدا ڪندڙ 16 يونٽن مان 1700 ميگاواٽ بجلي ملي سگھي ٿي جڏھن ته ھن وقت ٽوٽل 6 يونٽ ھلي رھيا ھئا جن مان 832 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رھي ھئي 600 ميگاواٽ جي سوئچ يارڊ ۾ فني خرابي پيدا ٿيڻ سبب بجلي پيدا ڪندڙ سمورا يونٽ بند ٿيڻ سبب گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ بجلي جي پيداوار زيرو ٿي وئي آهي ٻئي پاسي گڊو پاور ھائوس انتظاميه پاران ايمرجنسي لڳائي فني خرابي کي جلد ختم ڪرائن جو چيو ويو آھي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو