ڪشمور : گڊو ٿرمل پاور هائوس جي 600 ميگاواٽ گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي ٿيڻ سبب بجلي پيدا ڪندڙ سمورا يونٽ بند ٿي ويا آهن جنهن سبب بجلي جي پيداوار زيرو ٿي وئي آهي پاور هائوس ۾ فني خرابي سبب سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن بجلي جي فراهمي مڪمل طور تي معطل ٿي وئي آهي هوڏانهن ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ بجلي فراهمي معطل ٿيڻ تي حيسڪو ترجمان چيو آهي ته بجلي فراهمي بحال ٿيڻ بابت اين ٽي ڊي سي اختيارين سان رابطا ڪري رهيا آهيون فوري طور تي بجلي بحال ٿيڻ جو وقت نٿو ڏئي سگهجي
ياد رهي ته گڊو ٿرمل پاور هائوس جي بجلي پيدا ڪندڙ 16 يونٽن مان ھن وقت ٽوٽل 6 يونٽ ھلي رھيا ھئا جن مان 832 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رھي ھئي 600 ميگاواٽ جي سوئچ يارڊ ۾ فني خرابي پيدا ٿيڻ سبب بجلي پيدا ڪندڙ سمورا يونٽ بند ٿيڻ کان پوءِ گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ بجلي جي پيداوار زيرو ٿي وئي آهي جنهن سبب گڊو پاور ھائوس انتظاميه پاران ايمرجنسي لڳائي فني خرابي کي جلد ختم ڪرائڻ جو چيو پيو وڃي
